ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر تبريز شمسي ۽ ويسٽ انڊين آل رائونڊر ڪارلوس بريٿويٽ لاهور قلندرز سان معاهدو ڪري ورتو.
ٻئيي رانديگرن ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول گلوبل سپر ليگ ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي ڪندا.
انگلينڊ جي ٽام ايبل، ليوڪ ويلز ۽ انڊيم روزنگٽن به لاهور قلندرز طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندا.
لاهور قلندرز جي اسڪواڊ ۾ شامل مقامي رانديگرن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
واضح رهي ته گلوبل سپر ليگ 26 نومبر کان 7 ڊسمبر تائين گيانا ۾ کيڏي ويندي.
ايونٽ ۾ پاڪستاني فرنچائز لاهور قلندرز کانسواءِ بنگلاديش جي رنگپور رائيڊرز، انگلينڊ جي همپشائر هاڪس، آسٽريليا جي وڪٽوريا ۽ ويسٽ انڊيز جي گيانا ايمازون شامل آهن.