سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ضمني مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 14 نومبر تي ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ضمني مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 14 نومبر تي ٿيندي.
ضمني مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ سکر ۾ 2، نواب شاهه ۽ سڪرنڊ ۾ 4 ۽ حيدرآباد جي 5 خالي سيٽن تي ووٽ وڌا ويندا.
14 نومبر تي ئي ٽنڊي محمد خان ۾ 2، ٽنڊي الهيار، گهوٽڪي، لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، نوشهري فيروز ۾ 1-1 مڪاني سيٽ تي اليڪشن ٿيندي.
سکر ۾ يونين ڪائونسل (يو سي) 6 بيراج ڪالوني ۾ وائس چيئرمين ۽ روهڙي يوسي 29 سنگرار ۾ چيئرمين لاءِ چونڊ ٿيندي.
سڪرنڊ ۾ وائس چيئرمين ۽ وارڊ نمبر 2 ۾ جنرل ڪائونسل، جڏهن ته نواب شاهه ۾ ايڇ ايم خواجا يونين ڪائونسل 4 ۾ چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبر جي چونڊ ٿيندي.
گهوٽڪي ۾ اوٻاوڙي جي يونين ڪائونسل ڪمون شهيد جي چيئرمين لاءِ به پولنگ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.