متحد آهيون، چيمپيئنز ٽرافي، عالمي ڪپ ۽ اولمپڪس ٽائٽل کٽڻا آهن: محمد رضوان

پرٿ ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان آسٽريليا کي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏيڻ کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به وائيٽ واش ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
محمد رضوان ڊريسنگ روم ۾ رانديگرن سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به آسٽريليا کي وائيٽ واش ڪنداسين، پاڪستان هڪ ٽيم آهي جيڪا آسٽريليا خلاف متحد ٿي کيڏي.
هن چيو ته آسٽريليا وارا طريقن سان اسان کي منجهائيندا هئا هن واري انهن کي طريقن سان کين گهمائي لاتوسين، ڪنهن کي اميد نه هئي ته اسان آسٽريليا کي آسٽريليا ۾ هارائينداسين.
محمد رضوان چيو ته پوري اميد آهي ته دنيا جي ٻين ٽيمن اسان جي حڪمت عملي مان ضرور سکيو هوندو.
قومي ڪپتان چيو ته آسٽريليا خلاف فتح کانپوءِ سکڻ جو عمل شروع ٿيو آهي، اسان جا گولز ۽ هدف وڏا هئڻ گهرجن، چيمپيئنز ٽرافي، ورلڊ ڪپ ۽ اولمپڪس جهڙا ٽائٽل کٽڻا آهن، هر ملڪ ۾ ڪاميابيءَ جا جهنڊا کوڙينداسين.
محمد رضوان رانديگرن ۾ جوش جذبو پيدا ڪندي چيو ته ورهين کان نه کٽڻ واري روايت ختم ڪنداسين ۽ ڪرڪيٽ ۾ ڪاميابين جي نئين تاريخ لکنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀ گڏجي هڪ جذبي تحت کيڏنداسين، سڄي دنيا کي ” اسان هڪ آهيون“ نظر اچڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.