ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان حڪومتي قرض جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته حڪومت سيپٽمبر ۾ 792 ارب رپيا قرض گهٽ ڪيو ۽ سيپٽمبر 2024 تائين حڪومت جو قرض 69570 ارب رپيا رهيو.
هلندڙ سال حڪومت جو مقامي قرض 803 ارب رپيا گهٽجي 47536 ارب رپيا رهيو.
سيپٽمبر ۾ حڪومتي قرض ۽ جي ڊي پي شرح 65.70 سيڪڙو رهي، جڏهن ته جون 2018 کانپوءِ حڪومتي ۽ جي ڊي پي شرح گهٽ ترين سطح تي آهي.
You might also like