ڪينبرا (ويب ڊيسڪ)ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪٽيو نِڪ هوڪلي پاڪستان هٿان ون ڊي سيريز ۾ شڪست تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪستان 22 سالن کانپوءِ آسٽريليا کي ان جي سرزمين تي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏني هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، پاڪستان خلاف تاريخي شڪست تي ردعمل ڏيندي ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪٽيو نڪ هوڪلي چيو ته پاڪستان خلاف سيريز جو نتيجو انتهائي مايوس ڪندڙ آهي، نوجوان رانديگرن وٽ عالمي سطح تي پاڻ مڃائڻ جو هڪ بهترين موقعو آهي.
سندس چوڻ هو ته ماضيءَ ۾ نوجوان رانديگرن کي موقعو نه ڏيڻ سبب تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، رانديگرن کي بارڊر-گواسڪر ٽرافي کان اڳ ذهني طور تيار آرام ڏيڻ ضروري هو.
ياد رهي ته پاڪستان هٿان شڪست تي اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ سميت ڪيئي آسٽريلوي ڪرڪيٽرن ڪرڪيٽ آسٽريليا کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو، اڳوڻن ڪرڪيٽرن پاڪستان خلاف فيصلائتي ميچ ۾ پنج سينيئر رانديگرن کي آرام ڏيڻ واري فيصلي تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي.