مڱيرا کائڻ جا 10 حيران ڪندڙ فائدا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڱيرن جا فائدا ڄاڻي اوهان به حيران ٿي ويندا.

مڱيرا ذائقي سان گڏوگڏ صحت لاءِ به فائديمند آهن.

مڱيرن ۾ فائبر ۽ پروٽين جهجهي مقدار ۾ موجود هوندو آهي جنهن سان وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

مڱيرن ۾ مينگنيج، ڪيلشيم، ڪاربوهائيڊريٽ جهجهي مقدار ۾ هوندا آهن جنهن جي استعمال سان بلڊ شگر ليول

ڪنٽرول ۾ رهندي آهي، مڱيرن ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس هوندا آهن جيڪي کنگهه زڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن.

مڱيرن ۾ پولي فينولڪ اينٽي آڪسيڊنٽس وڌيڪ هوندا آهن، جيڪي ڪينسر جي خطري کي گهٽائين ٿا.

مڱيرن ۾ فيٽي ايسڊ هوندا آهن جيڪي کل جي بيمارين کان بچائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

مڱيرن ۾ جيڪي غذائي شيون هونديون آهن اهي پيٽ جي مسئلن کان بچائينديون آهن.

مڱيرن ۾ ڪيلشيم ۽ وٽامن ڊي مناسب مقدار ۾ هوندو آهي جنهن سان هڏيون مصبوط ٿينديون آهن.

مڱيرن ۾ وٽامنز، منرلز، غذائي شيون ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس هوندا آهن جيڪي جسم کي توانائي ڏين ٿا.

مڱيرن ۾ ريسويراٽرول هوندو آهي جنهن سان ڊپريشن گهٽجندو آهي.

مڱيرن ۾ لائسين هوندو آهي جيڪو وارن جون پاڙون مضبوط ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.