پرڏيهين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون: غلام نبي ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته پرڏيهين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
صحافين سان ڳالهائيندي غلام نبي ميمڻ چيو ته جڳهه يا شخصيت جي حساسيت جي اعتبار سان سيڪيورٽي انتظام بهتر ڪيا ويندا، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز ۾ گهٽتائي آئي آهي پر بهتري جي گنجائش سدائين رهندي آهي.
هن تسليم ڪيو ته شهري علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائمز هڪ وڏو مسئلو آهي، ان جي خاتمي لاءِ اسان وڏيون ڪوششون ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.