اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کانسواءِ سڄي ملڪ لاءِ بجلي سستي ٿي وئي.
نيپرا هڪ مهيني لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب في يونٽ بجلي هڪ رپيو 28 پئسا سستي ٿي وئي آهي.
نيپرا ٻڌايو آهي ته بجلي سيپٽمبر 2024 جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ سستي ڪئي وئي آهي، واهپيدارن کي رليف نومبر جي بلن ۾ ملندو.
نوٽيفڪيشن موجب بجلي اگهن ۾ لاٿ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ لاڳو نه ٿيندي.
Next Post
You might also like