غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 37 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
ڪمال عدوان اسپتال تي اسرائيلي فوج هڪ ٻيهر حملو ڪيو، جڏهن ته اتر غزا ۾ اسرائيلي فوج جو گهيرو جاري آهي ۽ فلسطينين کي خبردار پڻ ڪيو ويو آهي.
غزا شهر ۾ اسرائيلي فوج ڊرون حملو ڪري 2 فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا، جڏهن ته غزا ۾ امدادي سرگرميون معطل آهن.
فلسطيني اٿارٽي جي انتظام هيٺ ويسٽ بئنڪ تي اسرائيلين جا حملا جاري آهن، جتي ڪيترن ئي فلسطينين جا گهر ۽ گاڏيون سڙي ويون.
Next Post
You might also like