اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري 10 سالن تائين بجلي اگهه وڌندا رهڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ ٿنڪ ٽينڪ جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير اويس لغاري خدشو ظاهر ڪيو ته موجوده صورتحال برقرار رهي ته ايندڙ 10 سالن تائين بجلي اگهه وڌندا رهندا ۽ اهي ناقابلِ برداشت ٿي سگهن ٿا، طلب 10 سالن تائين ساليانو 2.8 سيڪڙو وڌڻ باوجود بجلي ٽيرف ۾ واڌ جو رجحان رهندو.
هن مستقبل جي درآمدي بجلي منصوبي ڪاسا کي مهانگو قرار ڏيندي چيو ته دعا ڪريو ته افغانستان ۾ ڪاسا جو انفرا اسٽرڪچر نه لڳي سگهي نه ته ڪاسا منصوبي جي مهانگي بجلي جي قيمت ڪير ادا ڪندو؟
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ جيان ڊسڪوز کي به سبسڊي ڏيڻي آهي ته انهن ڪمپني جي نجڪاري جو ڪو فائدو نه ٿيندو، ڊسڪوز جي نجڪاري کي ويجهي کان ڏسي رهيا آهيون.
You might also like