اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آرمي وٽ جيترا اختيار آهن اهي ڪافي آهن.
پريس ڪانفرنس ڪندي فضل الرحمان چيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ انتظامي معاملو آهي، ان کان اڳ حڪومتون واڌ ڏينديون رهيون آهن، ذاتي طور تي واڌ جي حق ۾ ناهيان.
هن حڪومت طرفان وڌيڪ قانون سازي کي آئين جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو ته اهو قدم 26هين ترميم ۽ پارليامينٽ جي توهين آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اهو بل پاس ٿيو ۽ اڄ توهان ان جي ابتڙ ڪري رهيا آهيو.
You might also like