ميلبرن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڀرندڙ رانديگر عرفان نيازي ون ڊي ڊيبيو تي خوشي ۽ جوش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هر رانديگر جو خواب هوندو آهي ته ملڪ لاءِ کيڏي ۽ ٽاپ ٽيم خلاف ڊيبيو ڪرڻ جو موقعو ملڻ مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.
عرفان نيازي کي سڀاڻي ڪينگروز خلاف پهرين ون ڊي ميچ لاءِ پليئنگ اليون جو حصو بڻايو ويو آهي، ان حوالي سان هن چيو ته مان ڪرڪيٽ جي شروعات اسڪول جي سطح تي ڪئي ۽ سدائين اهو عزم رکيو ته پاڪستان لاءِ کيڏڻو آهي، انڊر 19 ڪرڪيٽ جي ڏينهن ۾ منهنجي ڪوچ تنوير شوڪت هڪ ڏينهن ڪاغذ جي ٽڪري تي پنهنجو خواب لکڻ جو چيو، مان لکيو ته ريجنل انڊر 19، انڊر 19 ورلڊ ڪپ، پي ايس ايل ۽ پوءِ پاڪستان ٽيم ۾ کيڏڻ چاهيان ٿو، اڄ اهو خواب حقيقت ٿيندي ڏسي رهيو آهيان.
سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ لاءِ مان پنهنجو گهر ڇڏي فيصل آباد ۾ رهيس، جتي 6، 6 مهينا گهر نه وڃي سگهندو هيس پر منهنجي فيملي منهنجي خواب جي حمايت ڪئي.
عرفان نيازي چيو ته وڏين ٽيمن خلاف کيڏي ئي هڪ رانديگر ٺهندو آهي، منهنجي خواهش آهي ته آسٽريليا خلاف ميچ وننگ اننگز کيڏان ۽ پاڪستان جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيان.
Next Post
You might also like