لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر نواز شريف جي هدايت تي پنجاب حڪومت ”پنجاب ايئر“ جي نالي سان نئين ايئر لائن لانچ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پنجاب حڪومت پي آءِ اي نه پئي خريد ڪري، ان حوالي سان ڪوڙين خبرن کان پاسو ڪيو وڃي.
هوڏانهن پنجاب حڪومت جي ذريعن موجب صوبائي حڪومت نجي سيڙپڪارن جي سهڪار سان نئين ايئر لائن ”پنجاب ايئر“ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي فزيبلٽي تي صوبائي حڪومت جلد ڪم شروع ڪندي، پنجاب ايئر ۾ پنجاب حڪومت جا شيئرز هجڻ جو آپشن به غور هيٺ آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو هو ته پنجاب حڪومت پي آءِ اي خريدڻ تي غور ڪري رهي آهي، پنجاب حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته پي آءِ اي خريد ڪيو يا ڪا نئين ايئر لائن شروع ڪيو.
You might also like