راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته 9 نومبر تي آخري سڏ ڏينداسين ۽ هن ڀيري ڪفت ٻڌي نڪرنداسين.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته اسان ٻيهر منصوبو جوڙيو آهي، هاڻ هن حڪومت مان جان ڇڏائڻي پوندي.
هن چيو ته 9 تاريخ تي صوابي ۾ جلسو ٿيندو، جتي حڪمت عملي ۽ آخري سڏ ڏينداسين، پرامن رهڻ تي جيڪو رويو اسان سان اختيار ڪيو ويو، اهو برداشت جوڳو ناهي، پنهنجا حق وٺي واپس ورنداسين.
سندس چوڻ هو ته هاڻ جيڪو سڏ ڏينداسين اهو آخري هوندو، ڪفن ٻڌي نڪرنداسين، هيءَ فيصلا ڪندڙن سميت سڀني کي وارننگ آهي.
You might also like