ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير جي اڳوڻي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري خلاف ويڌڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسماعيل ڏاهري جي ڀيڻن درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ اڳوڻي صلاحڪار خلاف وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.
عدالت آءِ جي سنڌ کي اسماعيل ڏاهري خلاف وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
درخواست ۾ چيو ويو ته اسماعيل ڏاهري آزاد اميدوار جي حيثيت سان چونڊ وڙهي هئي، ان تي حڪمران جماعت ناراض ٿي وئي آهي ۽ سياسي انتقام وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پوليس چونڊيل نمائندن جي پرائيويٽ فورس طور ڪم ڪري رهي آهي، رات 3 وڳي ميمڻ ڳوٺ ۾ پوليس ايس ايس پي نواب شاهه سان گڏجي ان جي پٽ علي مصطفيٰ کي اغوا ڪري ورتو.
درخواست ۾ چيو ويو ته اسماعيل ڏاهري جي ڀائرن ۽ ٻارن تي به ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اسماعيل ڏاهري جي حياتي کي خطرو آهي، هو دل جي عارضي ۾ مبتلا آهي پر جيل اختياريون علاج نه پيون ڪن، پوليس روز سندس ڳوٺ تي ڇاپا هڻي رهي آهي، ان جي خاندان جا سمورا مرد جيلن ۾ آهن، رڳو عورتون رهجي ويون آهن، سنڌ پوليس عورتن خلاف به ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
عدالت حڪم ڏنو ته اسماعيل ڏاهري خلاف وڌيڪ ڪيس داخل نه ڪيا وڃن ۽ ايس ايس پي ملير اسماعيل ڏاهري جي پٽ علي مصطفيٰ کي 7 ڏينهن اندر پيش ڪري، آءِ جي سنڌ پوليس نئين جاچ ڪميٽي جوڙي، جيل اختياريون اسماعيل ڏاهري جو جيل ۾ علاج ڪرائين.
سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته آءِ جي سنڌ، آءِ جي جيل، ايس ايس پي ملير 7 نومبر تي جواب داخل ڪرائين.
Next Post
You might also like