ملڪ ۾ سوين واٽس ايپ اڪائونٽس هيڪ ٿي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ 1426 واٽس ايپ اڪائونٽس هيڪ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
سينيٽ جي اجلاس دوران هڪ سوال تي گهرو وزارت طرفان جواب جمع ڪرايو ويو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين جولاءِ 2024ع کان هنيئر تائين ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم کي1426 شڪايتون مليون .
گهرو وزارت موجب، 817 واهپيدارن جون شڪايتون تصديق جي مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته 549 اڪائونٽس بحال ڪيا ويا آهن.
گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته 877 درخواستن جي جاچ جاري آهي، 20 کي انڪوائري ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.