اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ خلاف درخواست منظور ڪري ورتي.
جسٽس ارباب محمد طاهر يونيورسٽي کي ايم ڊي ڪيٽ امتحان ٻيهر وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي هڪ مهيني ۾ ٻيهر ٽيسٽ وٺي.
پي ايم ڊي سي جي رپورٽ موجب ايم ڊي ڪيٽ پيپر ۾ سوال آئوٽ آف سليبس هئا.
واضح رهي ته ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ به ايم ڊي ڪيٽ امتحان 4 هفتن ۾ ٻيهر وٺڻ جو حڪم ڏنو هو.
You might also like