اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر افغان ناظم الامور مولوي سردار شڪيب چيو آهي ته پاڪستان کي افغانستان سان سيڪيورٽي ايشوز تي شڪايتون آهن، اسان جي پاليسي انتهائي واضح آهي ته اسان غير رياستي عنصرن جي حمايت ناهيون ڪندا.
اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي مولوي سردار احمد شڪيب چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن، خطي ۾ امن ۽ استحڪام اسان جي خواهش آهي.
هن چيو ته پاڪستان کي افغانستان مان سيڪيورٽي ايشوز تي شڪايتون آهن، پاڪستان کي قائم ڪري رهيا آهيون ته ڪجهه غير رياستي عنصر دراندازي ڪندا آهن پر اسان جي پاليسي انتهائي واضح آهي ته اسان غير رياستي عنصرن جي حمايت ناهيون ڪندا.
سندس چوڻ هو ته اسان کي اقتدار ۾ آئي ٽن سالن جو گهٽ عرصو ٿيو آهي، اسان وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ رابطي جو ذريعو بڻجڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ رابطي جا چينل موجود آهن.
You might also like