ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪيس: ايمان مزاري ۽ سندس مڙس جو 3 ڏينهن جسماني رمانڊ منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايمان مزاري ۽ سندس مڙس جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين ايمان مزاري ۽ مڙس هادي علي خلاف انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيم جي روٽ دوران سرڪاري ڪم ڪار ۾ مداخلت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر راجا نويد ايمان مزاري ۽ هادي علي جي 30 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.
هن چيو ته جوابدارن عالمي ٽيمن جي سيڪيورٽي کي خطرو پهچايو، ٻنهي جوابدارن جي وڊيو جو فارنزڪ ڪرائڻ ضروري آهي، ان کانسواءِ ساڻن گڏ موجود ٻن ڄڻن کي گرفتار به ڪرڻو آهي.
ٻڌڻي دوران صفائي واري وڪيل چيو تي هادي علي هڪ همراهه سان هٿين پئجي ويو جيڪو ورديءَ ۾ نه هو، سادي لباس ۾ موجود ماڻهن کي طاقتور بڻايو پيو وڃي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ۽ ٿوري دير کانپوءِ ٻڌائيندي ٻنهي جوابدارن جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.