”اوهان کي ته چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻو هو، پوءِ ڇا ٿيو؟“

لنڊن (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جو صدر ۽ اڳوڻو ويراعظم نواز شريف لنڊن کان آمريڪا لاءِ روانو ٿي ويو.

لنڊن کان آمريڪا روانگي جي وقت هڪ صحافي سوال ڪيو ته اوهان جو آمريڪا جو دورو نجي نوعيت جو آهي؟

هڪ ٻئي صحافي پڇيو ته ميان صاحب اوهان وزيراعظم ڇو نه بڻيا؟ هڪ صحافي پڇيو ته گذريل سال 21 آڪٽوبر تي اوهان چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ پاڪستان ويا هئا، عوام ڏسي رهيو هو ته اوهان وزيراعظم بڻجندا، اوهان وزيراعظم ڇو نه بڻيا؟

سوالن جي جواب ۾ نواز شريف ڪو جواب ڏيڻ بدران سوال ڪيو ته منهنجي آمريڪا روانگي کان اڳ اهو سوال پڇڻ ضروري آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.