فاسٽ بالر محمد عامر قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود جي حمايت ۾ سامهون اچي ويو.
پنهنجي بيان ۾ محمد عامر چيو ته وننگ ڪپتان جو انٽرويو هاڪاري انداز ۾ ڪرڻ گهرجي ها ته توهان جو ايندڙ پلان ڇا هوندو، توهان وننگ ڪپتان جو مذاق اڏايو، انٽرويو وٺندي خيال ڪرڻ گهرجي، وڏون ڪڍڻ بدران جتي ٽيم جو ڪريڊٽ ٺهي ٿو اهو ڏيڻ گهرجي.
واضح رهي ته محمد عامر جو اهو بيان رميز راجا طرفان شان مسعود سان غير سنجيده رويي کانپوءِ سامهون آيو آهي.
رميز راجا گذريل ڏينهن ڪاميابي باوجود ڪپتان شان مسعود سان غير سنجيده گفتگو ڪئي هئي، هن شان مسعود جي ڪپتان طور 6 ناڪامين جو ذڪر ڇيڙيو ۽ اهو به چيو ته لڳي ٿو اسپنر نعمان ۾ رت جي کوٽ آهي.
محمد عامر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته شان مسعود کي برو لڳو هوندو پر هن ڪو ردعمل نه ڏنو، رانديگر ۽ ٽيم مئنيجمينٽ تعريف جي حقدار آهي ته اها ضرور ڪرڻ گهرجي.
You might also like