فائز عيسيٰ واڌ نه ورتي ۽ رٽائر ٿي ويو، عمران جي ٽولي کي غيرت ڏيارڻ وقت جو زيان آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان جو ٽولو چوندو رهيو قاضي فائز عيسيٰ ملازمت ۾ واڌ ٿو چاهي پر هو وقت تي رٽائر ٿي ويو.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته عمران خان جو ٽولو ڪيترن ئي مهينن کان سوين ٽي وي پروگرامن ۾ چوندو رهيو ته فائز عيسيٰ جو مقصد ملازمت ۾ واڌ آهي پر هو وقت تي رٽائر ٿي هليو ويو.
هن چيو جيڪڏهن انهن ۾ شرم حيا هجي ته ٻڏي مرڻ جو مقام هو، جڏهن سڀ بي حيا هڪ ئي پارٽي ۾ گڏ ٿي وڃن ته غيرت ڏيارڻ به وقت جو زيان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.