آئيني ترميم جي منظوري جي خوشي ۾ پيپلزپارٽي پاران ريلين جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي پاران 26 هين آئيني ترميم جي منظوريءَ جي خوشي ۽ حق ۾ 28 آڪٽوبر سنڌ جي سڀني ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو.
اهڙو اعلان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي جاري ڪيل پاليسي بيان ۾ ڪيو.
هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ريليون ڪڍندا.
نثار کهڙي چيو ته آئيني ترميم جي منظوري سڀني جمهوري قوتن ۽ جمهوريت جي فتح ۽ غيرجمهوري سوچ رکندڙن جي شڪست آهي.
هن چيو ته آئيني ترميم جي منظوريءَ ۾ جمهوري ڪردار ادا ڪرڻ تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀني کان وڏو جمهوري ليڊر ثابت ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم بڻجڻ جو وقت ويجهو اچي چڪو آهي.
هن چيو ته آئيني ترميم جي منظوريءَ سان پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي ۽ ججن جي مقرريءَ ۾ پارليامينٽ جي ڪردار سان جڊيشل ايڪٽوزم ۾ گهٽتائي ايندي.
هن چيو ته آئيني بئنچ جي قائم ٿيڻ سان سپريم ڪورٽ تان ڪيسن جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي قرارداد سان صوبي ۾ به آئيني بئنچ قائم ٿيندي جيڪا صوبي جا آئيني اشوز ٻڌي سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.