منيلا ( ويب ڊيسڪ ) فلپائن جي ساحلي علائقن سان طوفان ٽرامي ٽڪرائجي ويو. سامونڊي طوفان سبب ٻن ڏينهن جي برسات جو نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو، مختلف واقعن ۾ 40 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
مسلسل برسات سبب زندگي جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو، ٻوڏ جو پاڻي رهائشي علائقن ۾ داخل ٿي ويو. شهري پنهنجن گهرن جي ڇتن تي ڦاسي ويا.
رستا تلاءَ جو منظر پيش ڪرڻ لڳا. امدادي ڪم ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، لينڊ سلائيڊنگ جا واقعا پڻ پيش آيا. 10 هزار ماڻهو بي گهر ٿي ويا.
عارضي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن پر اتي خوراڪ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي.
انتظاميا شهرين کي خبردار ڪيو ته هو غير ضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرن. برساتن جو سلسلو وڌيڪ ٻه ڏينهن جاري رهڻ جو امڪان آهي.
You might also like