”سلمان ڪارو هرڻ ماريو ته رت ٻَڙڪي پيو، اداڪار جو خاندان به معافي وٺي“

ڀارتي گينگسٽر لارنس بشنوئي جي سئوٽ رميش بشنوئي بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي خاندان کان معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
لارنس بشنوئي جي سئوٽ رميش بشنوئي پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ” ڪاري هرڻ واري معاملي تي سموري بشنوئي برادري گينگسٽر سان گڏ بيٺي آهي، سلمان خان اسان جي جذبن سان کيڏي رهيو آهي تنهنڪري سندن خاندان کي بشنوئي ڪميونٽي کان معافي وٺڻ گهرجي.“
رميش بشنوئي پنهنجي سوٽ مٿان مڙهيل الزامن بابت چيو ته لارنس بشنوئي کي ڦاسايو پيو وڃي هو هڪ معزز گهراڻي سان واسطو رکي ٿو هو 110 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي.
سلمان خان سان لارنس بشنوئي جو تڪرار ڪڏهن شروع ٿيو؟
بشنوئي برادري ۾ ڪاري هرڻ کي هڪ مقدس سمجهيو ويندو آهي.
بشنوئي ۽ سلمان خان وچ ۾ تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن سال 1998ع ۾ سلمان خان ساٿي اداڪار سيف علي خان، تبو، سونالي ۽ نيلم سان گڏ فلم ” هم ساٿ ساٿ هين “ جي شوٽنگ لاءِ راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ موجود هئا.
سال 2018ع ۾ جوڌپور جي عدالت ڪاري هرڻ جي ڪيس ۾ سلمان خان کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، بعد ۾ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، پر ان کانپوءِ بشنوئي برادري دبنگ اسٽار جي جاني دشمن بڻجي وئي.
هلندڙ سال 14 اپريل جي صبح ٻن موٽر سائيڪل سوارن ممبئي ۾ سلمان خان جي اپارٽمينٽ ٻاهران فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا هئا.
ان کانپوءِ پوليس واقعي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، شروعات جاچ دوران جوابدارن جو واسطو لارنس بشنوئي گينگ سان ڄاڻايو ويو هو.
گينگسٽر بشنوئي جي ڀاءَ انمول بشنوئي سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جي ذميواري قبول ڪئي هئي.
ياد رهي ته مشهور پنجابي راڳي سڌو موسي والا جي قتل جي ذميواري به لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن قبول ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.