اڀرندڙ اداڪارا ۽ ماڊل حنا آفريدي چيو آهي ته بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان منهنجي ننڍپڻ جي محبت آهي، مان ان کي دل ۽ جان سان چاهيندي آهيان، ان تي سدائين فدا رهي آهيان ۽ هڪ سال اڳ تائين ان سان شادي ڪرڻ جو سوچيندي هيس.
تازو نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي حنا آفريدي چيو ته مان انتهائي مضبوط شخصيت جي مالڪ آهي، تربيت ئي اهڙي ڪئي وئي آهي ته ڪير ڪمزور نه ڪري سگهي، مان زندگي ۾ اڄ تائين ناهيان رُني، ايتري تائين جو ماءُ جي لاڏاڻي تي به نه رُني هيس.
هن چيو ته مان پاڪ فوج ۾ وڃڻ پئي چاهيو ۽ ان لاءِ ڪيتريون ئي ٽيسٽون به ڏنيون پر فيل ٿيس.
هڪ سوال جي جواب ۾ حنا چيو ته بالي ووڊ دبنگ هيرو سلمان خان ننڍپڻ کان منهنجو ڪرش رهيو آهي، مان ان کي دل ۽ جان سان چاهيندي آهيان ۽ چاهيندي رهنديس، هڪ سال اڳ تائين سوچيندي هيس ته موقعو مليو ته سلمان سان شادي به ڪنديس پر هاڻ ائين ناهين سوچيندي، ڇو ته ڄاڻي چڪي آهيان ته منهنجي سلمان خان سان شادي نه ٿيندي.
You might also like