بيروت ( م ڊ ) لبنان جي مزاحمتي تحريڪ حزب الله پنهنجي سينيئر اڳواڻ هاشم صفي الدين جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. حزب الله موجب هاشم صفي الدين اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو، حزب الله اڳواڻ حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ کيس سندس جانشين سمجهيو پئي ويو. گذريل ڏينهن اسرائيلي فوج حزب الله جي قائم مقام سربراهه هاشم صفي الدين کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هاشم صفي الدين کي ٽي هفتا اڳ بيروت ۾ حملي ۾ نشانو بڻايو ويو هو.پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هاشم صفي الدين حزب الله جي اڳوڻي سربراهه حسن نصرالله جو سئوٽ هو. اهو پهريون ڀيرو هو جڏهن اسرائيل اڳوڻي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله کان پوءِ حزب الله جي اعليٰ ترين سياسي اهلڪار هاشم صفي الدين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي.