اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکي هڪ ڀيرو ٻيهر مخصوص بئنچ ۾ ويهڻ کان معذرت ڪري ورتي.
جسٽس منصور علي ساهه چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي نئون خط 23 آڪٽوبر تي لکيو، خط چيف جسٽس کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي سربراهه طور لکيو ويو.
خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه مخصوص بئنچ ۾ ويهڻ کان معذرت ڪندي چيو ته اڳ به لکيو هو ترميمي آرڊيننس تي فل ڪورٽ ويهن تائين خصوصي بئنچ جو حصو نه بڻجندس.
هن لکيو ته اسان اقتدار ۾ رهندي اڪثر وساري ويهندا آهيون ته هن ملڪ جا ماڻهو اسان جي عملن کي ڏسي رهيا آهن، تاريخ ڪڏهن معاف ناهي ڪندي.
You might also like