پي ٽي آءِ جي انڪار کانپوءِ نئين چيف جسٽس جي مقرري تي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٻيهر شروع

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس پي ٽي آءِ جي انڪار کانپوءِ ٻيهر شروع ٿي ويو، ان کان اڳ تحريڪ انصاف کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پي ٽي آءِ صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
نئين چيف جسٽس جي مقرري لاءِ سپريم ڪورٽ رجسٽرار 3 نالا پارلياماني ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيا آهن.
ذريعن موجب ٽن سينيئرن ججن جا نالا پارلياماني ڪميٽي کي موڪليا ويا، جن ۾ موسٽ سينيئر جسٽس منصور آهي، پوءِ جسٽس منيب ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي آهن.
صبح ٿيندڙ پارلياماني ڪميٽي اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري 3 سينيئر ججن جا نالا پيش ڪيا پر پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل ميمبر اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيا، جنهن تي اجلاس رات ساڍي اٺين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.