عدالت ايڪس جي بندش بابت وفاقي حڪومت کان نئين رپورٽ طلب ڪري ورتي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا ايپ ايڪس جي بندش خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کان نئين رپورٽ طلب ڪري ورتي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڪس جي بندش خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس عاليا نيلم ريمارڪس ڏنا ته 26هين آئيني ترميم اچي چڪي آهي، هاڻ درخواستگذار سان ٻاهر ڪو ڳالهائي سگهي ٿو نه ئي سوال اٿاري سگهي ٿو، هاڻ جنهن کي به ڳالهائڻو آهي اهو آرٽيڪل 199 ۽ 199 اي کي سامهون رکي ڳالهائي.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا سوشل ميڊيا ايپس تي ڪا پابندي آهي، وفاقي حڪومت جي وڪيل جواب ڏنو ته گهرو وزارت طرفان ايڪس تي پابندي جو نوٽيفڪيشن موجود آهي.
عدالت وفاقي حڪومت کان ايڪس جي بندش تي نئين رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.