ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن به سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ٿي، 11 سئو رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 83 هزار 400 رپيا ٿي وئي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 943 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 42 هزار 979 رپين جو ٿي ويو.
Prev Post
Next Post
You might also like