سڊني(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ۽ ڀلوڙ بيٽر اسٽيو سمٿ چيو آهي ته ساٿي ڪرڪيٽرن عثمان خواجا ۽ مارنس لبوشين کي سندس ٽاپ آرڊر ۾ بيٽنگ ڪرڻ پسند ناهي.
آسٽريلوي بيٽر ٽيسٽ ۾ بيٽنگ پوزيشن واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته عثمان خواجا ۽ مارنس لبوشين جي خواهش آهي ته هو انهن کانپوءِ بيٽنگ تي اچي.
سندس چوڻ هو ته هو چوٿين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ تي خوش آهي، هن ٻيهر چوٿين پوزيشن تي کيڏڻ لاءِ نه چيو هو، پر کيس چوٿين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ پسند آهي.
ڪينگروز بيٽر اِهو به چيو ته کائنس پڇيو ويو هو ته ڪهڙي نمبر تي بيٽنگ کي ترجيح ڏيندس، جنهن تي هن چوٿين پوزيشن سنڀالڻ جو چيو.
واضح رهي ته اوپنر ڊيوڊ وارنر جي رٽائرمينٽ کانپوءِ اسٽيو سمٿ ٽيسٽ ۾ اوپننگ شروع ڪئي، اوپنر طور اسٽيو سمٿ مڪمل طور فلاپ ثابت ٿيو ۽ ٽيم ۾ سندس ڪردار تي آڱريون کڄڻ لڳيون.
You might also like