شادي تقريب ۾ گهرايل فنڪارا سان اجتماعي لڄالٽ

مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) مظفر ڳڙهه ۾ شادي تقريب ۾ دعوت تي گهرايل مقامي فنڪارا کي ٽن ڄڻن مبينا طور اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
پوليس موجب مظفر ڳڙهه واسڻ عورت کي معاوضو ڏئي شادي ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو هو، عورت موجب رات دير تائين شادي جو پروگرام جاري هو، جوابدار پوليس جي ڇاپي جو چئي اتان وٺي ويو ۽ ساٿين سان گڏجي زيادتي جو نشانو بڻايو.
پوليس ٻڌايو ته ٽنهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
پوليس موجب عورت جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته شروعاتي جاچ ۾ عورت سان زيادتي جون شاهديون مليون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.