ويلز ۾ ٻن ريل گاڏين ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 15 زخمي

ويلز (ويب ڊيسڪ) ويلز ۾ گذريل ڏينهن ٻن مسافر ٽرينن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 15 زخمي ٿي پيا.
برٽس ٽرانسپورٽ پوليس موجب ٽرين حادثو سومر جي شام پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 15 زخمي ٿي پيا.
پوليس ترجمان ٻڌايو ته اڄ صبح کان پوليس فورس واقعي جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته زخمين کي اسپتال پهچايو ويو، جن جي حالت هاڻ خطري کان ٻاهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.