ڀارت جو آءِ سي سي سربراهي تي ڊگهي عرصي تائين قابض رهڻ جو منصوبو

دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) جي دبئي ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي سيڪريٽري جئه شاهه آءِ سي سي جي سربراهي ڇهن سالن تائين پاڻ وٽ رکڻ جو منصوبو جوڙي ورتو.
آءِ سي سي بورڊ ميٽنگ کانپوءِ پڌرنامو جاري ڪيو ويو، پڌرائيءَ ۾ حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته پاڪستان ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي جو ڪو به ذڪر ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي ٽورنامينٽ جي شيڊيول تي ڪائي اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
اجلاس ۾ آءِ سي سي وومينز ڪرڪيٽ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايسوسي ايٽس ميمبرن جي سيريز ڪرائن جو فيصلو ۽ مستقبل جي آءِ سي سي ايونٽس ۾ وومين ٽيمن جو انگ وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.
آءِ سي سي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي آءِ سي سي جي چيئرمين ۽ آزاد ڊائريڪٽر جي ملازمت جو مُدو ٽن سالن مان وڌائي ڇهه سال ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي.
آءِ سي سي موجب، ان معاملي تي حتمي فيصلو بورڊ ميمبرز ڪندا.
ياد رهي ته هلندڙ سال آگسٽ ۾ بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئه شاهه ڪرڪيٽ جي عالمي گورننگ باڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) جو بنا مقابلي صدر چونڊيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.