اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل سبزواري چيو آهي ته مڪاني حڪومتن کي فعال ڪرڻو پوندو يا وري نوان صوبا ٺاهڻا پوندا.
سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي فيصل سبزواري چيو ته بدقسمتي سان مڪاني حڪومتن جو جيڪو قانون آهي، اهي اختيار ناهن ڏنا ويندا، ڪنهن به صوبي ۾ مڪاني حڪومتن کي اختيار نه ڏنا ويا.
هن چيو ن ليگ جا ٿورا مڃان ٿو، قانون واري وزير درست ڳالهه ڪئي، هن چيو ته اسپيشل ڪميٽي ڪم ڪندي رهندي ۽ مڪاني اختيار جو معاملو 27هين آئيني ترميم ۾ آندو ويندو.
سندس چوڻ هو ته آئيني ترميم ۾ سڀني جماعتن جيان ايم ڪيو ايم به پنهنجو حصو وڌو، اسان کان پڇيو ويو ته ترميم سان عوام جي ڪهڙي بهتري ٿيندي، عدالتن مان تڪڙو انصاف ملڻ شروع ٿيو ته اها عوام جي بهتري آهي.
You might also like