ميچ ۾ واپسي ڪيئن ڪبي آهي؟ ان سوال جي جواب لاءِ ڪرڪيٽ شوقين ۽ تجزيي نگارن کي بئنگلورو ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ جاري ٽيسٽ ميچ ڏسڻ گهرجي، پهرين اننگز ۾ ڀارتي ٽيم پنهنجي سرمزين تي سڀ کان گهٽ ٽيسٽ اسڪور يعني 46 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ پنج رانديگر کاتو به نه کولي سگهيا هئا، جنهن ۾ ويرات ڪوهلي سان گڏ سرفراز خان به شامل هو.
ان کانپوءِ ٻي اننگز ۾ ويرات ڪوهلي ۽ سرفراز خان بئگلورو ٽيسٽ ۾ واپسيءَ جي ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي، ڪوهلي جيتوڻيڪ ٽئين ڏينهن آخري بال تي 70 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو پر سرفراز خان چوٿين ڏينهن 70 رنسن تان پنهنجي اننگز کي اڳتي وڌائڻ شورع ڪيو ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي پهرين سينچري اسڪور ڪئي.
سرفراز خان علائقائي ڪرڪيٽ ۾ رنسن جا انبار لڳائيندو رهيو آهي، هلندڙ مهيني پهرين آڪٽوبر تي ايراني ٽرافيءَ جي فائنل ۾ هن ممبئي جي نمائندگي ڪندي ريسٽ آف انڊيا خلاف 222 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ ممبئي کي 27 ورهين کانپوءِ چيمپيئن بڻائڻ ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو.
سرفراز خان هلندڙ سال انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي ۽ پنهنجي پهرين ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ ففٽيون اسڪور ڪيون.
سندس ٻي ميچ خراب رهي ۽ هو 14 ۽ ٻُڙي تي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته ٽِين ميچ جي هڪ اننگز ۾ هن 56 رنسون ٺاهيون.
ان کانپوءِ سرفراز خان کي بنگلاديش خلاف سيريز ۾ ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو ۽ وري ايراني ٽرافي ۾ 222 رنسون اسڪور ڪرڻ کانپوءِ کيس نيوزيلينڊ خلاف انجرڊ شُڀمَن گِل جي جاءِ تي پليئنگ اليون جو حصو بڻايو ويو.
سرفراز خان ٽن ڏينهن کانپوءِ پنهنجي 27 هين سالگرهه ملهائيندو، کيس سندس والد ۽ ڪوچ نوشاد خان ڪرڪيٽ جي سکيا ڏني، هن 12 ورهين جي عمر ۾ هيرس شيلڊ انٽر اسڪول ٽورنامينٽ ۾ رضوي اسپرنگ فيلڊ طرفان کيڏندي هڪ اننگز ۾ 439 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 56 چوڪا ۽ 12 ڇڪا شامل هئا، ان اننگز کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو.
ڪرڪ انفو موجب، عالمي ڪرڪيٽ ۾ قدم رکڻ کان اڳ سرفراز خان کي ممبئي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن طرفان پنهنجي عمر ۾ ڳڙٻڙ ڪرڻ جي الزام هيٺ معطل ڪيو ويو هو بعد ۾ بورڊ هڪ ايڊوانس ٽيسٽ جو نتيجو قبول ڪيو ۽ اهڙي ريت سندس ڏکيائين ۾ گهٽتائي آئي.
سرفراز خان کي جڏهن انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ کيڏڻ جو موقعو مليو ته هن ڀارت لاءِ 66 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي ۽ ڇهن ميچن ۾ ستر کان وڌيڪ جي ايوريج سان 211 رنسون ٺاهيون.
سال 2016ع ۾ کيس ٻيهر انڊر 19 ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو موقعو مليو ۽ هن ڀيري سرفراز ڇهن ميچن ۾ 355 رنسون ٺاهيون.
بهرحال ان دوران هو ڏکيائين جو شڪار پڻ رهيو، سرفراز خان کي 2014ع ۾ ممبئي جي رنجي ٽرافي ٽيم ۾ ڊيبيو ڪرڻ جو موقعو مليو پر ٽيم ۾ سندس جاءِ مستحڪم نه ٿي سگهي،اهڙي صورتحال بعد سندس والد ۽ ڪوچ نوشاد هڪ اهم فيصلو ڪيو.
جيئن ته سندس خاندان اتر پرديش جي اعظم ڳڙهه سان واسطو رکي ٿو انڪري نوشاد محسوس ڪيو ته سندس پٽ کي اتر پرديش طرفان وڌيڪ موقعا ملي سگهن ٿا.
اِهو سوچي هن سال16-2015ع ۾ اتر پرديش ۾ رهائش اختيار ڪئي پر اِهو فيصلو سرفراز لاءِ انتهائي بُرو ثابت ٿيو، کيس ٻن سيزن دوران يوپي لاءِ مسلسل نظرانداز ڪيو ويو.
اتر پرديش جي ٽيم ۾ نه کيڏائڻ جو هڪ سبب ته سرفراز خان جو زخمي ٿيڻ هو، جنهنڪري کيس اتر پرديش جي ون ڊي ٽيم مان به ڊراپ ڪيو ويو.
جڏهن کيس يو پيءَ جي ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو ته هن سال 2016ع جي انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ ڀرپور ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، اهڙي ريت آءِ پي ايل ۾ رائل چئلينجر بئنگلورو ( آر سي بي ) طرفان کيس پنجاهه لک رپين ۾ خريد ڪيو ويو.
آر سي بي جي تڏوهڪي ڪپتان ويرات ڪوهليءَ به سرفراز خان کي وزن گهٽائڻ جو مشورو ڏنو هو، ان فٽ هئڻ سبب کيس ٽيم مان نيڪالي ڏني وئي، ان وقت هو چيلهه ۽ گوڏي جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي چڪو هو.
مونجهارن ۾ ورتل سرفراز خان پنهنجي لاءِ ٻه هدف مقرر ڪيا، هڪ فٽنس جي بهتري ۽ ٻيو ڀارتي ڪرڪيٽ جي ڳڙهه ممبئي واپسي .
هو ڄاڻي چڪو هو ته ڀارتي ٽيم ۾تائين سندس شموليت ان صورت ۾ ئي ممڪن ٿيندي جڏهن هو ممبئي جي ٽيم لاءِ کيڏندو.
ممبئيءَ جي ٽيم طرفان کيڏڻ لاءِ هن پري سيزن کي ” ڪولنگ پيريڊ“ طور گذاريو، ان کانپوءِ سندس آڏو ممبئيءَ جي ٽيم ۾ واپسي جو چئلينج هو.
سال 19-2018ع ۾ هن ممبئي جي پريميئر ڪلب ٽورنامينٽ جو ڪانچو ليگ جي اي ڊويزن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون.
ممبئي جي ٻن سرفهرست بيٽرز شرياس ائير ۽ شيوم دوبي ڀارتي ٽيم لاءِ کيڏڻ لڳا اهڙي طرح سال 20-2019ع ۾ سرفراز کي واپسيءَ جو موقعو مليو.
هڪ زماني ۾ فرسٽ ڪلاس ايوريج سبب سندس ڀيٽ بريڊ مين سان ٿيڻ لڳي ڇو ته بريڊ مين کانوءِ سندس ئي ايوريج سڀ کان بهتر هئي پر هاڻ فرسٽ ڪلاس ۾ سندس 70 جي ايوريج آهي، هو آل ٽائيم دنيا جي ٽاپ ايوريج بيٽرز جي فهرست ۾ چوٿين نمبر تي آهي.
سرفراز خان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 15 سينچريون ۽ 14ففٽيون اسڪور ڪري چڪو آهي جڏهن ته پنهنجي چوٿين ٽيسٽ ۾ پهرين سينچري اسڪور ڪئي.
بئنگورو ٽيسٽ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي ڪرڪيٽ جي دنيا جي عظيم ترين بيٽر سچن ٽنڊولڪر به سوشل ميڊيا تي سندس واکاڻ ڪئي آهي.
سچن ٽنڊولڪر ايڪس تي لکيو ته ” سرفراز خان، اوهان پهرين سينچري ان موقعي تي اسڪور ڪئي آهي جڏهن ڀارتي ٽيم کي اهڙي اننگز جي سخت ضرورت هئي“
ڪامينٽيٽر روي شاستري چيو ته ” هر ڪو روهت شرما کي سرفراز کي کيڏائڻ لاءِ تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو هو ۽ اڄ سمورا نقاد خاموش ٿي ويا، سندس اِها اننگز ورهين تائين ياد رکي ويندي.“