بلاڪ بسٽر فلم سيريز” ڀول ڀليا “ جي مداحن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڪارتڪ آريان ۽ انيس بزمي جي مشهور فلم سيريز ڀول ڀليا جي مداحن لاءِ وڏي خبر اچي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀول ڀليا فور جي تياري اڳواٽ ئي شروع ٿي چڪي آهي جڏهن ته ” ڀول ڀليا ٿري“ جي اڃا باقي آهي.
ذريعن موجب، ڀول ڀليا ٿري نه رڳو شروعاتي ٻنهي حصن کان بهتر ثابت ٿي آهي پر ان فلمسازن کي ايترو پراعتماد بڻائي ڇڏيو آهي جو انهن چوٿين حصي تي به ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
فلم جي پروڊڪشن ڪمپني ٽي سيريز ان ڳالهه جي دعويٰ ڪري رهي آهي ته ڀول ڀليا ٿري جي ڪمائي، ٻئي حصي کي پوئتي ڇڏي ڏيندي.
ڪارتڪ آريان جي اداڪاري ۽ انيس بزمي جي هدايتڪار فلم کي وڌيڪ دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي، مٿان وري وديا بالڻ ۽ ماڌوري ڊڪشت جي موجودگي به فلم جي تجسس ۾ اضافو ڪري رهي آهي.
ڀول ڀليا فور جي ڪاسٽ ۾ في الحال ڪارتڪ آريان جو نالو طئي ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين ڪردارن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.