اسٽريٽ ڪرائمز ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي چڪي آهي: ڪراچي پوليس چيف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته پوليس جو اسٽريٽ ڪرائمز جي خاتمي تي خاص ڌيان آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي جاويد عالم اوڍي چيو ته اسٽريٽ ڪرائمز ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي چڪي آهي، ڪراچي پوليس جي انويسٽيگيشن ۾ به بهتري آئي آهي.
هن چيو ته اسان کي شهر ۾ جديد ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي ضرورت آهي، حڪومت منظوري ڏئي ته پوليس پرائيويٽ سيڪيورٽي لاءِ اهلڪار ڏيڻ جي پابند آهي.
ڪراچي پوليس چيف شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي گهرن ۾ ملازم بنا پوليس ويريفڪيشن جي نه رکن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.