دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو انتهائي غربت جو شڪار آهن: گڏيل قومون

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام يو اين ڊي پي جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو ته سڄي دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو انتهائي غربت جو شڪار آهن، جن ۾ اڌ کان وڌيڪ ٻار آهن.
آڪسفورڊ پوورٽي اينڊ هيومن ڊولپمينٽ انيشيٽو جي سهڪار سان هڪ مقالو اشارو ڪري ٿو ته غربت جي شرح جنگ کان متاثر ملڪن ۾ 3 ڀيرا وڌيڪ آهي، ڇو ته 2023 ۾ عالمي جنگ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ تڪرار ڏسڻ ۾ آيو.
ادارو 2010 کانپوءِ ساليانا انگ اکر جاري ڪندو آهي، جنهن ۾ 6.3 ارب آبادي تي ٻڌل 112 ملڪن جا انگ اکر شامل ڪيا ويندا آهن.
غربت جا انگ اکر مناسب رهائشي جي گهٽتائي، پاڻي نيڪال، بجلي، کاڌي پچائڻ وارو ٻارڻ، غذائيت ۽ اسڪولن جي حاضري جهڙين شرحن تي ٻڌل هوندا آهن.
رپورٽ ڏيکاري ٿي ته 83.2 سيڪڙو غريب ترين ماڻهو آفريڪا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ رهن ٿا، دنيا جي مقابلي ۾، ڀارت ۾ انتهائي غربت ۾ رهندڙ ماڻهن جو سڀ کان وڏو تعداد آهي، ان جي 1.4 بلين آبادي مان 23.4 ملين ماڻهو انتهائي غربت ۾ رهن ٿا، جنهن کانپوءِ پاڪستان، ايٿوپيا، نائيجيريا ۽ ريپبلڪ آف ڪانگو ۾ ترتيبوار دنيا جي 10 ڪروڙ ماڻهن جو اڌ حصو غربت جو شڪار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.