غزا ۽ لبنان ۾ اسرائيل جا حملا، ميئر سميت 92 ڄڻا شهيد

بيروت (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جا غزا ۽ لبنان ۾ وحشياڻا حملا جاري آهن، گذريل ڏينهن غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ 65 فلسطيني شهيد ۽ 140 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڏکڻ لبنان ۾ ميئر سميت 27 ڄڻا شهيد ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
غزا جي صحت واري زوارت موجب اتر غزا ۾ اسرائيلي ناڪابندي 13هين ڏينهن به جاري رهي.
سول ڊفينس واري کاتي موجب جباليا پناهگير ڪئمپ تي ناڪابندي سبب تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺان دٻجي ويل لاشن کي به نه ڪڍي سگهياسين.
گڏيل قومن جي امن فوج موجب اسرائيلي فوج ٻيهر چوڪين کي نشانو بڻايو.
ٻئي پاسي حزب الله طرفان اسرائيل تي راڪيٽ حملن جو سلسلو به جاري رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.