اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جو نالو سفري پابندين واري لسٽ مان ڪڍڻ جي درخواست تي گهرو وزارت ۽ ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽ کي ايندڙ هفتي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي ماهه رنگ بلوچ پنهنجي وڪيل ايمان مزاري ايڊووڪيٽ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي.
چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته سندس نالو نو فلاءِ لسٽ ۾ آهي؟ جنهن تي ايمان مزاري ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته کيس جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو.
جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته اوهان انٽيليجنس ايجنسي کي ان ۾ ڇو ڌر بڻايو آهي؟ هنن جو هن معاملي سان ڪهڙو واسطو آهي؟
وڪيل ايمان مزاري موقف اختيار ڪيو ته نو فلاءِ لسٽ کي ايجنسيون ڏسنديون آهن.
عدالت گهرو وزارت ۽ ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽ کي ايندڙ هفتي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
You might also like