ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سپراسٽار جوڙي ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن جو رشتو ڊگهي عرصي کان ڏکيائين جو شڪار آهي ۽ ٻنهي شخصيتن جو عوامي سطح تي ڌار ڌار نظر اچڻ به طلاق جي افواهن کي وڌيڪ هوا ڏئي رهيو آهي.
هلندڙ سال جولاءِ ۾ مُڪيش امباني جي پٽ جي شادي ۾ اڀيشيڪ بچن جو زال ۽ ڌيءُ بدران والدين سان گڏ فوٽو شوٽ بحث جو موضوع بڻجي ويو هو.
فوشو شوٽ لاءِ ايشوريا راءِ ۽ آراڌيا کي شادي ۾ بچن خاندان جي ٻين ڀاتين کان ڌار ايندي ڏٺو ويو جنهن ۾ اميتاڀ بچن، جيان بچن، اڀيشيڪ بچن، شويتا بچن، آگستيا ۽ نويانندا شامل هئا، وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي شخصيتن ۾ عليحدگي جون خبرون زور پڪڙي ويون هيون.
ان کانپوءِ اڀيشيڪ بچن سوشل ميڊيا تي ڀارتي صحافي طرفان شيئر ڪيل طلاق بابت پوسٽ تي لائيڪ ڪيو هو پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي اداڪار شادي جي مُنڊي ڏيکاري شادي شده هئڻ جو اعتراف به ڪيو هو.
اننت امباڻي جي شادي جي ڪجهه مهينن کانپوءِ ايونٽ جي نئين وڊيو اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ جي مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو آهي.
اننت امباڻي جي شادي جي نئين وڊيو ۾ اڀيشيڪ ۽ ايشوريا آراڌيا سان گڏ خوشگوار موڊ ۾ ڊانس پرفارمنس انجواءِ ڪندي نظر اچي رهيا آهن.
You might also like