اسلام آباد(م ڊ) حڪومت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو. حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ۽ پيٽرول جي قيمت برقرار رکي آهي. حڪومت پيٽرول جو اگهه 247 رپيا 3 پئسا في ليٽر برقرار رکيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 5 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سان ڊيزل جي نئين قيمت 246 رپيا 29 پيسا مان وڌي 251 رپيا 29 پئسا ٿي وئي آهي.