پاڪستان ۽ تاجڪستان ۾ دوستي ۽ سهڪار جو پائيدار رشتو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ دوستي ۽ سهڪار جو پائيدار رشتو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زادا جي اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي، ان موقعي تي وزيراعظم ايس سي او اجلاس ۾ تاجڪستان جي فعال ۽ تعميري شرڪت کي ساراهيو.
وزيراعظم شهباز شريف هلندڙ سال جولاءِ ۾ دوشنبي جي پنهنجي دوري جو به ذڪر ڪيو ۽ ٻه طرفن لاڳاپن جي هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي سڀني شعبن ۾ ويجهو سهڪار مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
تاجڪ وزيراعظم چيو ته تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار جي وڏي صلاحيت موجود آهي، ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
تاڪ وزيراعظم پاڪستان حڪومت طرفان تاجڪستان کي کنڊ برآمد ڪرڻ تي ٿورا پڻ مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.