اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ دوستي ۽ سهڪار جو پائيدار رشتو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زادا جي اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي، ان موقعي تي وزيراعظم ايس سي او اجلاس ۾ تاجڪستان جي فعال ۽ تعميري شرڪت کي ساراهيو.
وزيراعظم شهباز شريف هلندڙ سال جولاءِ ۾ دوشنبي جي پنهنجي دوري جو به ذڪر ڪيو ۽ ٻه طرفن لاڳاپن جي هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي سڀني شعبن ۾ ويجهو سهڪار مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
تاجڪ وزيراعظم چيو ته تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار جي وڏي صلاحيت موجود آهي، ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
تاڪ وزيراعظم پاڪستان حڪومت طرفان تاجڪستان کي کنڊ برآمد ڪرڻ تي ٿورا پڻ مڃيا.