لاڙڪاڻو: ٻه مهينا اڳ گم ٿيل شخص جو پتو نه پيو، امڙ بيحال

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) ٻه مهينا اڳ گم ٿيل لاڙڪاڻي جي نظر محلا واسي 45 ورهين جي ارباب علي ابڙي جو پتو نه پيو، جنهن سبب سندس وارث سخت پريشان آهن.
پراسرار نموني گم ٿيل ارباب علي ابڙي جي امڙ عظيمان ابڙو ان حوالي سان ٻڌايو ته منهنجو پٽ ٻه مهينا اڳ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مليو گهمڻ ويو ھو، جيڪو ھن وقت تائين واپس گهر ناھي پهتو، جنهن سبب اسان سخت پريشان آهيون، منهنجو ٻيو ڪو به سهارو ناهي.
هن ڊي آءِ جي، ايس ايس لاڙڪاڻي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.