اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي وفدن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو.
ايئرپورٽ ذريعن موجب ايس سي او سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي وفدن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڀارت جو 4 رڪني سرڪاري وفد پاڪستان پهچي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته روس جو 76 رڪني، جڏهن ته چين جو 15 رڪني وفد شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهتو آهي.
ذريعن موجب ڪرغزستان جو 4 رڪني ۽ ايران جو 2 رڪني وفد به اسلام آباد پهچي ويو آهي، جڏهن ته شنگهائي سهڪار تنظيم جا 7 نمائندا به پاڪستان پهچي چڪا آهن.
واضح رهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس 15 کان 16 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ مختلف ملڪن جا 200 وفد شرڪت ڪندا.
You might also like