سنڌ پوليس جي اهلڪارن لاءِ وڏي خبر، مختلف مراعتون ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ۽ نيشنل پوليس فائونڊيشن جي سهڪار سان انسپيڪٽر رينڪ تائين ملازمن کي مراعتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پوليس هيڊ ڪوارٽر گارڊن ڏکڻ ۾ پوليس جي درٻار لڳي، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، زونل ڊي آءِ جيز، ضلعي ايس ايس پيز سميت آفيسرن، جوانن ۽ ايم ڊي نيشنل پوليس فائونڊيشن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي ايم ڊي اين پي ايف عرفان زمان چيو ته اسان جو مقصد پوليس جي ڀلائي آهي، اهلڪارن لاءِ پلاٽ جي پهرين ڊائون پيمينٽ پوليس فائونڊيشن ڏيندي ۽ پوليس هائوسنگ سوسائٽي جي پهرين 2000 پلانٽن ۾ اين پي ايف 50 هزار رپين جي ڀائيواري ڪندي.
هن چيو ته قسطن تي بنا وياج اليڪٽرڪ موٽر بائيڪس جو خيال آءِ جي سنڌ جو آهي، فائونڊيشن جو مقصد انسپيڪٽر رينڪ تائين ملازمن کي مراعتون فراهم ڪرڻ آهي.
ان موقعي تي آءِ جي سنڌ چيو ته فائونڊيشن طرفان سنڌ پوليس جي ڀلائي جي قدمن کي ساراهيان ٿو، مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ سنڌ پوليس کي اڌ قيمت تي فراهمي بهترين قدم آهي، پلاٽ جي بڪنگ تي 50 هزارن جي ادائيگي اين پي ايف طرفان ساراهه جوڳو آهي.
هن چيو منهنجي خواهش آهي ته هر پوليس جوان جو پنهنجو گهر هجي، اسان به سنڌ پوليس کي بنا وياج موٽر سائيڪلون ڏينداسين، اين پي ايف کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرايان ٿو.
سندس چوڻ هو ته پوليس جي هيلٿ انشورنس اسڪيم لاءِ 5 ارب رپيا رکيا آهن، نادرا مان ملازمن جو فيملي ٽري وصول ٿيندي ئي ڪم شروع ٿي ويندو، جنهن تحت سنڌ پوليس جي ڪنهن به ضلعي جو جوان ڪراچي جي بهترين ۽ معياري اسپتال مان علاج ڪرائي سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.