پنج آءِ پي پيز سان معاهدا ختم، عوام کي ساليانو سٺ ارب رپين جو فائدو ٿيندو: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پهرئين مرحلي ۾ پنج آءِ پي پيز سان معاهدو ختم ڪري رهيا آهيون جنهن سان عوام کي ساليانو سٺ ارب رپين جو رليف ملندو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪابينا ٽاسڪ فورس جي سفارش تي پنج آءِ پي پيز سان معاهدو ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.
هن چيو ته معاهدي ختم ڪرڻ سان بجلي واهپيدارن کي ساليانو سٺ ارب رپين جو رليف ملندو ۽ بجليءَ جي في يونٽ قيمت ۾ وڏي لاٿ ٿيندي.
شهباز شريف جو چوڻ هوته پنج آءِ پي پيز سان معاهدو ختم ڪرڻ سان ملڪي خزاني کي چار سئو يارنهن ارب رپين جي بچت ۽ ڄاڻايل آءِ پي پيز کي رهتن جي ادائيگي تي وياج نه ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.