ريما سان شادي جون خبرون، شان خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني سپر اسٽار شان شاهد اداڪارا ريما سان شادي بابت خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
سينيئر اداڪار شان شاهد ويجهڙائي ۾ هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي زندگيءَ ۽ ڪيريئر سميت مختلف موضوعن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
پروگرام جي ميزبان سوال پڇيو ته ڇا شان شاهد اداڪارا ريما خان سان شادي ڪرڻ بابت ڪڏهن سوچيو آهي؟
جنهن جي جواب ۾ اداڪار چيو ته هن ان حوالي سان ڪڏهن ناهي سوچيو ڇوته جڏهن هو ريما سان مليو هو ته تڏهن سندس عمر 16 سال هئي.
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي هن چيوته هنن ٻڻهي ننڍي عمر ۾ فلم ” بلندي “ ذريعي گڏ ڪيريئر شروع ڪيو هو.
هن چيو ته 16 ورهين جي عمر ۾ اوهان شادي بابت ناهيو سوچيندا، اوهان نون ماڻهن سان ملندا آهيو، دنيا ڏسندا آهيو ۽ پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيندا آهيو پر اوهان شاديءَ بابت ناهيو سوچيندا.
شان جو چوڻ هو ته ماڻهو اسڪرين کي مختلف نظر سان ڏسندا آهن، ڇوته اسان اسڪرين تي رومانس ڪندا آهيون، گڏ گهمندا ۽ پنهنجي محبت جو اظهار ڪندا آهيون، انڪري ماڻهو ان کي سچ سمجهڻ لڳندا آهن.
واضح رهي ته اداڪار شان شاهد ۽ اداڪارا ريما خان جي ” بلندي “ کانسواءِ فلم ” نڪاح “ به بلاڪ بسٽر ثابت ٿي هئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.